سير سليمان- باتصوير

سير سليمان- باتصوير

سير سليمان باتصوير

سير سليمان- باتصوير (ڪتاب): هيءُ ڪتاب حضرت سليمان جي سير بابت منظوم شاعري تي مشتمل مثنوي آهي، جنهن جو مصنف ميان غلام الله ڪلهوڙو آهي. هن مثنوي ۾ مختلف واقعن تحت بيان کي الڳ عنوانن ۾ ورهائي خوبصورت بڻايو ويو آهي. هن ڪتاب کي سکر جي تاجر ڪتب ۽ ادب دوست ماستر هريسنگهه ذاتي خرچ تي اسلاميه پريس لاهور مان ڇپايو هي ڪتاب 1862ع جي ايڪٽ 25 موجب رجسٽر پڻ ٿيل آهي. ڊيمي سائيز، ڪچي جلد سان 162 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 12 آنا ڄاڻايل آهي. هي ڪتاب انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي لائبرريءَ ۾ محفوظ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو